جيڪب آباد تواريخي نظر ۾

جيڪب آباد تواريخي نظر ۾

جيڪب آباد تواريخي نظر ۾ ڪتاب

جيڪب آباد تواريخي نظر ۾ (ڪتاب): هيءُ ڪتاب ڪالو خان اياز نالي ليکڪ جو تصنيف ڪيل آهي تاريخ جي موضوع تي لکيل هن ڪتاب ۾ جيڪب آباد شهر جي ماضيءَ جي ساروڻين، عمارتن، واقعن، راندين، ميلن، شخصيتن، موسمياتي احوال، زرعي پيدوار طور ٿيندڙ فصل ۽ تاريخي جنگجو قبيلن جو تذڪرو شامل ڪيل آهي. هيءُ پنهنجي نوعيت ۾ تاريخي ۽ زخيم ڪتاب آهي. جنهن ۾ ميلن، شخصيتن، تاريخي عمارتن وغيره جا فوٽو پڻ ڏنا ويا آهن. ڪتاب کي مجموعي طور ٽن بابن: ماضيءَ جا نقوش، ماضيءَ قريب جا نشان، حال جون تصويرون وغيره ۾ تقسيم ڪيو ويو آهي. ڪتاب جو انتساب ليکڪ پاران وطن جي حفاظت ۽ آزاديءَ لاءِ وڙهي شهادت ماڻيندڙ انهن مجاهدن جي نالي ڪيل آهي، جيڪي خانڳڙهه ۾ انگريزن سان وڙهيا هئا. ان کان سواءِ ليکڪ پاران ’عرض حال‘ ۽ ’آبائي شهر‘ جي عنوانن سان نوٽ پڻ درج ڪيل آهن. ڪرائون سائيز ۾ 94 صفحن تي مشتمل هيءُ ڪتاب حبيب پرنٽنگ پريس جيڪب آباد مان ضلعي ترقياتي ايسوسيئيشن، جيڪب آباد ۽ ڪالو خان اياز پاران، مئي 1978ع ۾ شايع ٿيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو